ٻانڌي (عمل)

ٻانڌي: مڇيءَ جي شڪار ڪرڻ جو ھڪ طريقو، جنھن موجب مھاڻا درياھ يا ڍنڍ ۾ ’ٻانڌي‘ يا ’ٻانڌو‘ وجھي مڇي ماريندا آھن، پر درياهه ۽ ڍنڍ جي ٻانڌي ۾ ٿورو فرق آھي. درياهه جي ٻانڌي متعلق ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو ته ”درياهه ۽ ڍنڍ ۾، جتي پاڻي تانگھو ھوندو آھي، اتي مھاڻا اوراڙ پراڙ کان وھڪري ڏانھن لھوارو ڪاٺين جو بند ڏئي، انھن جون پڇاڙيون وچ سير وٽ آڻي ھڪ ٻئي کي ويجھيون ڪندا آھن. انھيءَ سوڙھي گھٽ جي ٻاھرئين پاسي ڄار ھڻي ڇڏيندا آھن. پوءِ مڇي بندن سان لڳي اچي انھيءَ سوڙھي گھٽ مان لنگھندي آھي، جتي ڄار ۾ ڦاسي ان کي ساھيندي آھي، جنھن جي پيھي تي ويٺل مھاڻو ڄار کي ڇڪي، مٿي ڪري، مڇيءَ کي سوئو ھڻي ھڪ ڏور ۾ پوئيندو ويندو آھي. انھيءَ مانڊاڻ کي مھاڻا ’ٻانڌي‘ يا ’ٻانڌو‘ سڏيندا آھن. “


هن صفحي کي شيئر ڪريو